دعا جا پير

دعا جا پير

دعا جا پير

دعا جا پير (ڪتاب): هيءَ ڪتاب، نامياري ليکڪ غلام نبي گل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ’سڃاڻپ‘، ’اندر جو آدمي‘، ’سڀڻي‘، گيتن جي اڌوري اُڏام‘، ’پوپٽ رنگ‘، ’نسخو‘، ’نصيحت‘، ’آئيني جي اوٽ‘، ’پيار جي انڪوائري‘، ’ڪارو‘، ’هڪ روپ هڪ ٻهروپ‘، ’عشق‘، ’سرخرو‘، ’عڪس اهڙا نه هئا‘، ’نه ماضي نه حال‘، ’ڳجهارت جهڙو ماڻهو‘، ’دعا جا پير‘ ۽ ’خدا جي ٻولي‘ جي نالي سان 18 ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ، ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقت پسندي ۽ نفسياتي حقيقتن جي باري ۾ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قميت 50 روپيا آهي، جنهن کي وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي، 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو